ام الفضلرضه

ام الفضلرضه: حضرت ام الفضل (رضي الله عنها) لبابه بنت حارث بن حزان. پاڻ ام المؤمنين حضرت ميمونه رضي الله عنها ۽ حضرت اسماء بنت عميس جي ڀيڻ هُئي ۽ سندس والده جو نالو هند بنت عوف هو. ام الفضل سڳوري، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي چاچي حضرت عباس بن عبدالمطلب جي گهرواري هئي. عورتن مان حضرت خديجھ رضي الله عنها کان پوءِ ٻئي نمبر تي هن ايمان آندو. پنهنجي مڙس حضرت عباسعه جي ايمان آڻڻ کانپوءِ مديني شريف هجرت ڪيائين. سندس ڇهه پُٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. پُٽن ۾ فضل، عبدالله معبد، عبيد الله، قثم، عبدالرحمان ۽ ڌيءَ اُم حبيبه هئي. اُم الفضل حضرت عثمان رضي الله عنھ جي خلافت جي دؤر ۾ وفات ڪئي، سندس جنازي جي نماز حضرت عثمانرضه پڙهائي. هن حضرت امام حسينعه عالي مقام کي پنهنجي ٿڃ پياري ۽ ان جي پالنا ڪيائين، ان ڪري سڄو نبوي خاندان سندس عزت ۽ احترام ڪندو هو. کانئن ٽي حديثون به روايت ٿيل آهن. حجة الوداع جي موقعي تي هن کي پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن سان حج ڪرڻ جو موقعو به مليو. هڪ دفعي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته اُم الفضل، سلميٰ، ميمونه ۽ اسماء چارئي مؤمن ڀيڻون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو